مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

اسرائیل جي سرعام دهشتگردي تي دنيا جا امن پسند ملڪ خاموش ڇو ؟

دنيا جي حالتن کي جنگ جي باھ ۾ وڪوڙڻ لاءِ اسرائيل لاڳيتو شرارتي ۽ وحشياڻو روپ ڌاريو اچي نيتن ياھو پنهنجي خونخوار رويي سان فلسطينين جو جھڙي طرح بمباري ڪري قتل ڪري رھيو آھي تنھن سان فلسطينين جي نسل ڪشي جو خطرو وڌي وڃڻ جون خبرون گردش ۾ رھڻ لڳيون آھن. ھنن حملن سان اسڪول، اسپتالون، ھوٽلون، مدرسا ۽ پناھ گاھون بمبار جھازن جي نشاني تي آھن.

بلاگ

پئرس اولمپڪس 2024

اونهاري واريون پئرس اولمپڪس 2024 جنهن کي فرانس جي شهر پئرس ۾ منعقد ڪيو ويو آهي. پئرس جيئن ته ميزبان شهر آهي، جنهن جون وڌيڪ رانديون فرانس جي 16 ٻين شهرن ۾ به ٿي رهيون آهن. اولمپڪس دنيا ۾ راندين جو هڪ وڏو موقعو آهي، جيڪو هر چوٿين سال ڪنهن نه ڪنهن ملڪ ۾ منعقد ٿيندو آهي. هن دفعي پئرس اولمپڪس جون رانديون فرانس ۾ ٿي رهيون آهن.

بلاگ

اسلامي سپر پاور سلطنتِ عثمانيه جي بربادي جو سبب يورپ جي هڪ سازشي عورت بڻي

سورهين صدي عيسوي ۾ سلطنتِ عثمانيه جي شروعاتي دورن ۾ صدين تائين سلطنت جي انظامن تي مردن جو غلبو رھندو آيو، سلطان سليمان جي دور ۾ پھريون ڀيرو ھڪ يورپين عورت نه رڳو سلطان، پر پوري سلطنت جي حڪمران بڻجي وئي، ان جو نالو حريم سلطان ھو، جنھن کي حرم سلطان به چيو ويندو ھو. حريم 1505ع ۾ يوڪرين ۾ جنم ورتو، جنھن جو اصل ۽ شروعاتي نالو روڪسانه ھو. تاتارين حملي وقت ھن کي ٻانھي بڻائي رکيو. ھوءَ بطور ٻانھي وڪرو ۽ خريد ٿيندي آخرڪار سلطنتِ عثمانيه حرم ۾ ھڪ ڪنيز طور داخل ٿي. سلطان سليمان ان وقت ھڪ صوبي مانسيا جو گورنر ھو، روڪسانه شوخ، چنچل ۽ نخريلي طبيعت جي مالڪ ڪنيز ھئي، جنھن ڪري ھن کي حُرم جو لقب مليو جنھن جو مفھوم آھي، خوش مزاج عورت.

بلاگ

ملڪ جي کنيل قرضن جي ري پروفائلنگ لاءِ وزيراعظم جي درخواست

جيئن ته وزيراعظم ميان شهباز شريف چين کي خط لکي قرضن جي ري پروفائلنگ جي درخواست ڪئي آهي. وزيراعظم پاڻ جمعي واري ڏينهن ٻڌايو ته هن چين جي حڪومت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ قرضن جي ٻيهر پروفائلنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جيئن بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ايندڙ مهيني 7 ارب ڊالرن جي اقتصادي بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري حاصل ڪري سگهي.

بلاگ

عالمي اداري فچ جي موجوده حڪومت متعلق پيشنگوئي ۽ عوامي خدشا

عالمي اداري فچ موجوده سرڪار جي حقِ حڪمراني کي هڪ طرح سان ڄڻ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن انهيءَ چيو آهي ته موجوده سرڪار پنهنجي آئيني مدت 5 سال بدران 18 مهينا مس ڪڍي سگهندي. اها ڳالهه دلچسپ آهي ته ساڳئي اداري تقريبن 7 مهينن کانپوءِ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ اسانجي ريٽنگCCC مان وڌائيCCC+ ڪري ڇڏي آهي، پر ان اداري جي گذريل رپورٽ کي بجلي جي بلن جو بحران، جماعت اسلامي جو ڌرڻو ۽ سياسي عدم استحڪام هڪ طرح سان سچ ثابت ڪري رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن.

بلاگ

طاقت جو توازن بگڙي ويو آهي!

دنيا مان طاقت جو توازن يا ته ختم ٿي ويو آهي يا وقت سر بگڙي ويو آهي. ڏينهون ڏينهن مغربي قوتون وڌيڪ خوفناڪ ۽ طاقتور ٿي رهيون آهن ۽ ڪمزور ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهي مسلم ملڪ ۽ مسلم قوتون آمريڪي بلاڪ ۾ رهي به جنگين جي منهن ۾ آهن. اهي آمريڪا جا اتحادي هوندي به طالبان جي ڌمڪين ۽ رهزنين ۾ ڦاٿل آهن، جن مان نڪرڻ مشڪل ترين ڪم آهي.

بلاگ

نارائڻ داس ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي لطيف شناسي

ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي گهر ۾ نارائڻ داس 1912ع ۾ جنم ورتو. هن انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيائين. 1947ع کانپوءِ هندستان لڏي ويو، ڀمڀاڻي صاحب کي سنڌي ادب سان ۽ خاص ناول جي صنف ۽ لطيف شناسيءَ جو شغف هو، هن جا لکيل ناول “مالهڻ” 1943ع، “وڌوا” 1943ع، “غريبن جو ورثو” 1946ع گهڻا مشهور ٿيا. ان کانسواءِ هن ڪي ناول ترجمو ڪيا جن ۾ ٿامس هارڊي جو ناول “پاپ ۽ پاڪيزگي” خاص آهي، مضمون نويسيءَ جو پڻ ڪوڏيو هو. “ادبي گلشن” جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾ مضمونن جا مجموعا شايع ٿيس.

بلاگ

ٽيڪس جا نوان نظام ۽ عام ماڻهو

نومبر 2023 ۾ 12 هزار 430 ارب رپين وارو قرض هاڻي وڌي 63390 اربن تائين پڳو آهي. قرض ۾ اهڙو اضافو رڳو گذريل 2 سالن دوران ٿيو آهي، پر حڪومت پوءِ به بيوس لڳي پئي آهي، سندس ڪو حال ڀائي ڪونهي، جو هاڻي جوبائيڊن پاڻ شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته پرواھ نه ڪر هاڻي ملڪ کي گڏجي ڏسنداسين.

بلاگ

حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن طرفان 2024-2025 جو ترقياتي بجيٽ منظور

سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد جيڪو ڪنهن وقت ۾ هڪ صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر هو، ان جي سال 2024-2025 جي لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن پنج ارب 65 ڪروڙ جي بجيٽ منظور ڪئي آهي. بجيٽ اجلاس ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ڪجهه هٿن جو استعمال به ٿيو.

بلاگ

حماس جو سياسي اڳواڻ اسماعيل هانيه ايران ۾ شهيد

فلسطين جي ويڙهاڪ تنظيم حماس جي سياسي شعبي جو سربراھ اسماعيل هانيه ايران جي گاديءَ جي هنڌ تهران ۾ هڪ حملي ۾ شهيد ٿي ويو. حماس موجب هانيه ايراني صدر مسعود پيز شڪيان جي قسم کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران ۾ موجود هو، جتي کيس نشانو بڻايو ويو. هو حماس جو سياسي سربراھ هو ۽ 2006 ۾ وزيراعظم به رهيو. ايران جي پاسداران انقلاب، خبر رسائيندڙ اداري ارنا ۽ حماس به اعلان ڪيو آهي ته فلسطيني گروپ حماس جي سياسي سربراھ اسماعيل هانيه ۽ سندس هڪ محافظ کي تهران ۾ سندس رهائشگاھ ۾ شهيد ڪيو ويو آهي.

بلاگ

اسرائيل هٿان حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه تهران ۾ قتل

31 جولاءِ 2024ع تي تهران ۾ اسرائيل اسماعيل هانيه کي جيڪو اتي نئين چونڊيل صدر مسعود پيزشڪيان جي حلف برداري واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ آيو هو ان کي ميزائل حملي سان شهيد ڪري ڇڏيو. اسرائيل جي دهشتگردي هاڻي ڪنهن به ملڪ کان لڪل ناهي رهي جو هن 7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي حملي کانپوءِ مسلسل غزا تي حملا ڪري 92 هزار کان وڌيڪ بيگناهه مردن، عورتن ۽ ٻارن کي شهيد ڪري چڪو آهي. لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن ۽ غزه جي پٽيءَ ۾ موجود زنده ماڻهو پڻ مئلن واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. سندس دهشتگردي جي انتها اها آهي جو هاڻي هو اها جنگ غزا ۽ اسرائيل جي حدن کان ٻاهر ڪڍي ٻين اسلامي ملڪن تائين پهچي چڪو آهي.

وڌيڪ لوڊ ڪريو