مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

ڪراچي ۾ پي ايس ايل ميچون ڏسندڙن بغير ڪرائڻ جو اعلان

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ جي خدشي سبب وڏي وزير تماشائين جي اسٽيڊيم اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آھي. فقط ٽيمون ۽ ضروري عملو اسٽيڊيم ايندو، شوقين گھرن ۾ ويھي ٽي وي تي ميچ ڏسندا، تماشائين کي ورتل ٽڪيٽن جا پئسا واپس ڪيا ويندا. مراد علي شاھ ھدايتون جاري ڪري ڇڏيون. جاري ڪيل بيان ۾ ھن وڌيڪ چيو ته اھا ھڪ خطرناڪ صورتحال آھي ته تماشائين کي ميچ ڏسڻ لاءِ ميڙاڪي جي اجازت ڏني وڃي. اسان ھر ھڪ کي خطري ۾ نٿا وجھي سگھون، تنھنڪري ميچون تماشائين بغير ئي ٿينديون. ھن اھو فيصلو وزير اعليٰ ھائوس ۾ ڪورونا وائرس بابت ٽاسڪ فورس اجلاس دوران ڪيو. ڪمشنر ڪراچي افتخار شلواڻي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته اسٽيڊيم ۾ وڏي اجتماع جي اجازت ڏيڻ سبب ڪورونا ڦھلجڻ جو وڌيڪ خطرو آھي. ھن ڪمشنر کي ھدايت ڪئي ته ميچن جو انتظام بغير تماشائين جي ڪيو وڃي ۽ ھو ان فيصلي بابت پي سي بي عملدارن کي به آگاھ ڪري

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو