مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

900 ارب رپين جي رليف پئڪيج جو اعلان، پيٽرول 15 رپيا في ليٽر سستو

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

وزير اعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وبا کي منھن ڏيڻ جي سلسلي ۾ عوام لاءِ 900 ارب رپين جي معاشي پئڪيج جاري ڪندي پيٽرول، ڊيزل سميت تيل جي اگھن ۾ 15 رپيا في ليٽر گھٽائڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھن چيو ته في الحال ڪرفيو نٿا ھڻي سگھون، نٿا چاھيون ته افراتفري ٿئي. اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين سان ڳالھائيندي وزير اعظم چيو ته پيٽروليم پروڊڪٽس جي اگھن ۾ 15 رپيا في ليٽر گھٽائڻ جو فيصلو ڪيو آھي. شرح سود ۾ مٽاسٽا جو فيصلو اسٽيٽ بينڪ ڪندي. ٿي سگھي ٿو ته صورتحال 6 مھينا ھلي. اسان کي ڏاھپ وارا فيصلا ڪرڻا پوندا، ٽرانسپورٽ بند ڪرڻ سبب وڏي ۾ وڏو مسئلو فراھمي جو ٿئي ٿو. وزير اعظم ٻڌايو ته لاڪ ڊائون سبب پيدا ٿيندڙ اثرن کي منھن ڏيڻ لاءِ 100 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آھن، 300 يونٽن تائين گئس ۽ بجلي جا بل 3 مھينن تائين قسطن ۾ ورتا ويندا. ھر ڪٽنب کي چئن مھينن تائين ماھوار ٽي ھزار رپيا ڏنا ويندا. دالين سميت ٻين شين تي ٽيڪس جي شرح گھٽ ڪري رھيا آھيون. پورھيتن لاءِ 200 ارب ۽ ڪڻڪ خريداري لاءِ 280 ارب رکيا آھن. ميڊيا ورڪرن لاءِ به پئڪيج تيار ڪيو پيو وڃي

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو