مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

حيدرآباد ۾ ڪورنٽائن سينٽر انچارج سميت 2 ڄڻن ۾ ڪورونا ظاھر

شيئر ڪريو: واٽس ايپ X (ٽوئيٽر) فيسبوڪ

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

پنهنجا پسنديده آرٽيڪل محفوظ ڪرڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو

حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس وبا تي ضابطو نه اچي سگھيو. ڪورنٽائن سينٽر ڪوھسار جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر سريش ۽ اسپتال ۾ صفائي ڪندڙ عملي جي ھڪ شخص کي ڪورونا وائرس لڳي ويو. حيدرآباد جي گورنمينٽ ڪوھسار اسپتال ۾ ڪورنٽائن سينٽر قائم ڪيو ويو آھي، جتي ڪورونا ۾ ورتل مريضن ۽ شڪ وارن مريضن کي داخل ڪيو پيو وڃي. ان ڏس ۾ ڪورنٽائن سينٽر جي فوڪل پرسن ڄاڻايو آھي ته اسپتال ۾ ڪورونا مريضن سان ملندڙ ۽ داخل ڪندڙ ايم ايس ڊاڪٽر سريش ڪمار جي ڪورونا وائرس جي خطري کي سامھون رکندي ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان پھرين ٽيسٽ پازيٽو آئي آھي، ٻي ٽيسٽ جو انتظار آھي. اسپتال ۾ صفائي ڪندڙ ھڪ شخص ۾ به ڪورونا جي تصديق ٿي آھي. جڏھن ته ڊاڪٽر سريش کي سندس روم ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي. ڊاڪٽر ۽ عملي کي ڪورونا جي ٽيسٽ پازيٽو اچڻ کان پوءِ ڄاڻايل سينٽر ۾ انتظام سخت ڪيا ويا آھن

 

 

 

 

 

هي مضمون ڪيئن رهيو؟

👍

لاگ ان ٿيڻ ضروري آهي

مضمون کي درجو ڏيڻ لاءِ لاگ ان ڪريو

گوگل سان سائن اِن ڪريو