(تاثر) ڪارونجهر
(Impression) Karoonjhar by Bakhtawar Razaq Dars
(Impression) Karoonjhar by Bakhtawar Razaq Dars
Daily Humsari Newspaper 2 September 2024 Editorial
Daily Humsari Newspaper 2 September 2024
سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته “رٺو نه پرتو ۽ ڇنل نه ڳنڍيو ته ڪاڄ ڪيئن ٿيندو” ملڪ جي سياست ۾ جيتوڻيڪ جي يو آءِ (ايف) صرف 8 سيٽن سان قومي اسيمبلي ۾ موجود آهي، ان جي باوجود مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ (ايف) جي سربراهه طور الڳ حيثيت برقرار رکي آهي. چونڊن ۾ سيٽون گهٽ کٽڻ باوجود پوري ملڪ ۾ سندس ڪارڪنن جو چڱو خاصو تعداد موجود آهي، هن وقت جي سڀني سياسي پارٽين ۾ جي يو آءِ (ايف) وٽ اسٽريٽ پاور وڌيڪ آهي.
Daily Humsari Newspaper 1 September 2024
سموري سنڌ ۾ ڇتي گرميءَ بعد ھنن تازين برساتن جي نقصانن ۽ نااھلين حڪومتي پَت کي وَائکو ڪري ڇڏيو آهي. برسات جيڪا رَحمت سمجهي وڃي ٿي برسات جيڪا قدرتي موسمن جو اھم حصو ھوندي آھي ۽ زراعت سان لاڳاپيل آبادگار وسڪاري جون دعائون ڪندا آهن. وسڪارو جيڪو ٿر جي سوڪھڙي لاءِ بي بھا خزانو ھوندو آھي، جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو “وسي ته ٿر نه ته بر”.
سنڌ اندر برسات جي تباهي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي چئي سگهجي ٿو. ڇو ته چوندا آهن ته علاج کان احتياط بهتر هوندو آهي، پر انهيءَ چوڻي تي عمل نه ٿيندو آهي. ان وقت علاج ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، جڏهن بيماري چوٽ چڙهي ويندي آهي. سنڌ حڪومت به هميشه وانگر هن وقت به ائين ئي ڪيو آهي.
Daily Humsari Newspaper 31 August 2024
عبدالمجيد ولد غلام حسين ميمڻ 11 سيپٽمبر 1931ع تي شڪارپور جي ڳوٺ ماڙيءَ ۾ جنم ورتو 1948ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو، ميمڻ عبدالمجيد ايم اي اسلام ڪلچر ۽ ايم اي ليجن پاس ڪرڻ بعد 1974ع ۾ ”بيان العارفين جي تدوين ۽ اپٽار“ تي مقالو علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ لکي پي ايڇ ڊي جي سندَ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، پاڻ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ ليڪچرر طور ڪم ڪندي اڳيان هلي پروفيسر مقرر ٿيو ۽ پرنسپال جي عهدي تي 1991ع ۾ رٽائر ڪيائين، ڊاڪٽر ميمڻ سنڌيءَ جو سنڌي ادب ۾ پورهيو تمام شانائتو ڳڻيو وڃي ٿو، هن ستر کن ڪتاب لکيا ته انيڪ مضمون ۽ مقالا ڇپيل موجود آهن، پاڻ ادبي محفلن ۽ ڪانفرنسن جو ڪوڏيو هو.
مون سون جي برساتن سبب سڄي ملڪ ۾ بلڪه سڄي خطي ۾ زندگي سخت متاثر ٿي آهي. دريائن ۾ پاڻيءَ جي سطح بلند ٿي وئي آهي ۽ اترين علائقن ۾ گليشيئرز ڳرڻ جي ڪري ۽ برساتن پوڻ جي ڪري دريائن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي. جنهن جي ڪري لينڊ سلائڊنگ سبب ڪيترائي حادثا ٿيا آهن ۽ ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن.
Daily Humsari Newspaper 30 August 2024