روزانه همسري 5 آگسٽ 2024
Daily Humsari Newspaper 5 August 2024
Daily Humsari Newspaper 5 August 2024
ڪجھ شاعر/ليکڪ اھڙا ھوندا آھن جيڪي ميلي ۾ شامل ھوندي به ميلي جي ڀِيڙ، شور کان ھڪ پاسي خاموش، پرسڪون پنھنجي ڪم سان ڪم ۾ رڌل نظر ايندا آھن. اھڙن ماڻھن لاءِ ئي اياز گل چيو ھو:
“ميلي جي تنھائي، توکي ڇا معلوم..”
سورهين صدي عيسوي ۾ سلطنتِ عثمانيه جي شروعاتي دورن ۾ صدين تائين سلطنت جي انظامن تي مردن جو غلبو رھندو آيو، سلطان سليمان جي دور ۾ پھريون ڀيرو ھڪ يورپين عورت نه رڳو سلطان، پر پوري سلطنت جي حڪمران بڻجي وئي، ان جو نالو حريم سلطان ھو، جنھن کي حرم سلطان به چيو ويندو ھو. حريم 1505ع ۾ يوڪرين ۾ جنم ورتو، جنھن جو اصل ۽ شروعاتي نالو روڪسانه ھو. تاتارين حملي وقت ھن کي ٻانھي بڻائي رکيو. ھوءَ بطور ٻانھي وڪرو ۽ خريد ٿيندي آخرڪار سلطنتِ عثمانيه حرم ۾ ھڪ ڪنيز طور داخل ٿي. سلطان سليمان ان وقت ھڪ صوبي مانسيا جو گورنر ھو، روڪسانه شوخ، چنچل ۽ نخريلي طبيعت جي مالڪ ڪنيز ھئي، جنھن ڪري ھن کي حُرم جو لقب مليو جنھن جو مفھوم آھي، خوش مزاج عورت.
جيئن ته وزيراعظم ميان شهباز شريف چين کي خط لکي قرضن جي ري پروفائلنگ جي درخواست ڪئي آهي. وزيراعظم پاڻ جمعي واري ڏينهن ٻڌايو ته هن چين جي حڪومت کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جي لاءِ قرضن جي ٻيهر پروفائلنگ جي درخواست ڪئي وئي آهي، جيئن بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) کان ايندڙ مهيني 7 ارب ڊالرن جي اقتصادي بيل آئوٽ پئڪيج جي منظوري حاصل ڪري سگهي.
Daily Humsari Newspaper 4 August 2024
عالمي اداري فچ موجوده سرڪار جي حقِ حڪمراني کي هڪ طرح سان ڄڻ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن انهيءَ چيو آهي ته موجوده سرڪار پنهنجي آئيني مدت 5 سال بدران 18 مهينا مس ڪڍي سگهندي. اها ڳالهه دلچسپ آهي ته ساڳئي اداري تقريبن 7 مهينن کانپوءِ پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ اسانجي ريٽنگCCC مان وڌائيCCC+ ڪري ڇڏي آهي، پر ان اداري جي گذريل رپورٽ کي بجلي جي بلن جو بحران، جماعت اسلامي جو ڌرڻو ۽ سياسي عدم استحڪام هڪ طرح سان سچ ثابت ڪري رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته ان ايجنسيءَ جا تجزيا، تجويزون ۽ پيشنگويون گهڻو ڪري درست ثابت ٿينديون رهيون آهن.
هوءَ مسلسل کڙڪيءَ ڀر سان بيٺي هئي۔ بلڪل اداس ۽ ملول۔ اک آسمان ۾ کُتل هُئس. ڄڻ پروردگار سان خاموش شڪايت ڪندي هجي۔ ڄڻ آسمان تي ڪا مبهم تحرير پڙهندي هجي، پر آسمان تي ته ستارن جي تحرير لکيل هئي۔ تارن جي ڪڙيءَ ۾ تقدير جي تحرير کي ڪيئن ٿو پڙهي سگھجي۔ ڪاتب تقدير ته جيڪو لکيو آهي سو ته لوح قلم ۾ محفوظ آهي۔ جنھن کي نه پڙھي سگھجي ٿو نه ئي ان تحرير کي مٽائي سگھجي ٿو۔ هوءَ جيڪا تحرير آهي سا ته پٿر تي لڪير آھي، اٽل آهي، اڻٽر آهي۔
دنيا مان طاقت جو توازن يا ته ختم ٿي ويو آهي يا وقت سر بگڙي ويو آهي. ڏينهون ڏينهن مغربي قوتون وڌيڪ خوفناڪ ۽ طاقتور ٿي رهيون آهن ۽ ڪمزور ملڪ وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي. اهي مسلم ملڪ ۽ مسلم قوتون آمريڪي بلاڪ ۾ رهي به جنگين جي منهن ۾ آهن. اهي آمريڪا جا اتحادي هوندي به طالبان جي ڌمڪين ۽ رهزنين ۾ ڦاٿل آهن، جن مان نڪرڻ مشڪل ترين ڪم آهي.
Daily Humsari Newspaper 3 August 2024
ميوا رام ڀمڀاڻيءَ جي گهر ۾ نارائڻ داس 1912ع ۾ جنم ورتو. هن انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچيءَ ۾ استاد مقرر ٿيو. اڳتي هلي پروفيسر جي عهدي تي ڪم ڪيائين. 1947ع کانپوءِ هندستان لڏي ويو، ڀمڀاڻي صاحب کي سنڌي ادب سان ۽ خاص ناول جي صنف ۽ لطيف شناسيءَ جو شغف هو، هن جا لکيل ناول “مالهڻ” 1943ع، “وڌوا” 1943ع، “غريبن جو ورثو” 1946ع گهڻا مشهور ٿيا. ان کانسواءِ هن ڪي ناول ترجمو ڪيا جن ۾ ٿامس هارڊي جو ناول “پاپ ۽ پاڪيزگي” خاص آهي، مضمون نويسيءَ جو پڻ ڪوڏيو هو. “ادبي گلشن” جي عنوان سان ٽن ڀاڱن ۾ مضمونن جا مجموعا شايع ٿيس.
نومبر 2023 ۾ 12 هزار 430 ارب رپين وارو قرض هاڻي وڌي 63390 اربن تائين پڳو آهي. قرض ۾ اهڙو اضافو رڳو گذريل 2 سالن دوران ٿيو آهي، پر حڪومت پوءِ به بيوس لڳي پئي آهي، سندس ڪو حال ڀائي ڪونهي، جو هاڻي جوبائيڊن پاڻ شهباز شريف کي خط لکي چيو آهي ته پرواھ نه ڪر هاڻي ملڪ کي گڏجي ڏسنداسين.
سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر حيدرآباد جيڪو ڪنهن وقت ۾ هڪ صاف سٿرو ۽ خوبصورت شهر هو، ان جي سال 2024-2025 جي لاءِ ميونسپل ڪارپوريشن پنج ارب 65 ڪروڙ جي بجيٽ منظور ڪئي آهي. بجيٽ اجلاس ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ کانپوءِ ڪجهه هٿن جو استعمال به ٿيو.