روزانه همسري 3 جولاءِ 2024
Daily Humsari Newspaper 3 July 2024
Daily Humsari Newspaper 3 July 2024
شايد ئي گذريل پنجاھ سالن ۾ ڪنھن صحافي سنڌ کي ائين ووڙيو ۽ ڦلھوريو ھجي جيئن اسحاق مڱريو ڪري ڏيکاريو. سنڌو درياءَ، سنڌو جو ڊيلٽا، سنڌ جا ٻيٽ، سنڌ جون ٻوڏون، سنڌ جا ٿر بر، ڪچا ۽ ڪاڇا، سنڌ جا واھڻ ۽ وسنديون ھن شخص ائين اٿلائي پٿلائي ڏٺا، جنھن ڳالھين شخص کي سنڌ شناسي جو سونھون ۽ سنڌي صحافت جو نرالو ڪردار بڻائي ڇڏيو،
هڪ اندازي مطابق 23 سيڪڙو آڪسيجن جو بهترين اخراج رڳو زراعت، ٻيلن ۽ زمين جي سٺي استعمال مان ٿئي ٿو، جنهن سان ماحول ۾ مثبت تبديلي ممڪن ٿئي ٿي. بين الاقوامي موسمياتي تبديليءَ جي ماهرن اهو معلوم ڪيو آهي ته دنيا جي ٻيلن جي ايراضيءَ کي وڌائڻ سان ۽ وڻن جي پوکائي ڪرڻ سان گلوبل وارمنگ کي 1.5 درجا سينس تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو.
قومي اسيمبلي مالي سال 2024-25 جو وفاقي بجيٽ اڪثريتي راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. ملڪ جي صدر آصف علي زرداري فنانس بل تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي مالي سال 2024-25 جي اها بجيٽ 18 هزار 887 ارب رپين جي آهي، جنهن ۾ ٽيڪسن جي ڀرمار پڻ آهي.
“مان هڪ قبيلي جي سردار جي ڌي هئس جڏهن رومي سپاهين اسان جي وسندين تي حملو ڪيو ته اسان جي سڀني مردن کي ماري ڇڏيو ۽ عورتن سان ڏاڍائي ڪري غلام طور شهر ۾ وڪڻڻ شروع ڪيو. مان ڪنهن نموني جان بچائي ڀڄي نڪتيس ۽ شهر جي گهٽين ۾ رلڻ لڳيس. مان بُک ۾ بدحال ٿيڻ لڳيس جنهن کان به مدد ٿي گهريم ان مون مان جنسي باهه وسائڻ جي ڳالهه ٿي ڪئي.
شهباز شريف عوامي پت وڃائي ويٺو آهي، ان ڪري ته جيتريون دعوائون نون ليگ گڏيل طور تي يا نواز شريف جي زباني ڪيون هيون اهي سڀ جون سڀ ڇسيون ۽ کوکليون نڪتيون. عوام کي جنهن رليف ۽ بجيٽ جي ضرورت هئي سا شهباز جي پهرين 16 مهينن واري سرڪار به نه ڏني ۽ هاڻي به سکڻيون ڳالهيون ڪري 18 هزار ارب رپين جي بجيٽ ڏئي، عوام جي هڪ کيسي ۾ پئسا رکي ٻئي کيسي مان ڪڍي ويو.
سنڌ سرڪار کي ميڊيا هر ڏينهن ڄاڻ ڏئي رهي آهي ته صوبي اندر بدامني وڌي رهي آهي. ان جو اظهار اخبارن ۾ رپورٽ ٿيندڙ هر ڏينهن جي واقعن مان واضح نظر اچي ٿو. قتل، ڦر، ڌاڙو معمول بڻيل آهن. سنڌ جو عام شهري پاڻ کي عذاب ۾ ورتل سمجهي ٿو.
Daily Humsari Newspaper 2 July 2024 Editorial
Humsari Magazine July 2024
چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خلاف اوريا مقبول جان سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ڪجهه من گهڙت شڪايتون ڪيون آهن، اهي شڪايتون چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي خلاف آهن.
Daily Humsari Newspaper 1 July 2024
دين اسلام جو مذھبي، فلاحي، انسانيت سان ھمدردي ۽ عوام دوست سياسي رخ بدلائڻ ۾ سن 60 ھجري جو وڏو واقعو “ڪربلا” سمجهيو وڃي ٿو. ھي اھو واقعو جنهن صحيح ۽ غلط، حق و باطل، ڪاري ۽ اڇي ظالم و مظلوم جھڙن فرقن کي ميدان ڪربلا ۾ وائکو ڪري اھلبيت عليه السلام جي اھميت ۽ حيثيت کي ويتر بلند ڪري ڇڏيو.