مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

نئون

ادب

ڪهاڻي: قتل جو مقدمو

پهريان ته هوءَ چپ چاپ ويهي هن جون ڳالهيون ٻڌندي رهي، پر پوءِ هن جي اکين ۾ بيزاري ۽ بوريت محسوس ٿيڻ لڳي. هن چيو بس ڪر، ڇڏ انهن ڪهاڻين کي، ڇا تون ڪهاڻيون لکي لکي ٿڪجين نٿو؟ جن پنن تي تون اهي ڪهاڻيون لکين ٿو اهي پنا سواءِ لفافه ٺاهڻ جي ٻئي ڪنهن به ڪم نٿا اچن. تون هڪ قابل رحم ماڻهو آهين، پر مان توتي رحم به نٿي کائي سگهان.

ادب

ڪهاڻي: پوپري

ملهار جي نظر جيستائين وئي ٿي، اوستائين فقط پاڻي ئي پاڻي هو. هُن جي سڄي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو هو. اهوئي سمنڊ جيڪو سدائين سنڌوءَ جي ڇولين سان پيو ڌڪبو هو، اڄ ڪنهن چور وانگر اُن ملهار جي زمين چورائي ورتي هئي. سمنڊ کي هو چور سمجهندو هو، بلڪه وڏو ڌاڙيل هو، جنهن سندس آباد زمين تي ڌاڙو هنيو هو. لوڻياٺي ٿي ويل زمين هاڻ ڪنهن ڪم جي ڪونه رهي هئي.

بلاگ

طارق عالم ابڙو جي تيرهين ورسي

يارهين جون تي سنڌ جي ناول نگار، ڪھاڻيڪار، شاعر چتر ڪار طارق عالم ابڙو جي تيرهين ورسي جاڳرتا فورم ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان سڀاڻي ٿيڻي آهي جنھن نسبت سان طارق عالم ابڙو سان گذاريل يادو اوهان سان Share ڪريان ٿو تہ طارق سان ٻالڪپڻي ۾ 1967،68 ڌاري ملاقات ٿي هئي

ادب

ڪهاڻي: ڪيداريءَ ماءُ

ٿلھ: ھاڻوڪن ڏينھن ۾ جڏھن مون اخبارن منجھ “امامي اپالم” (ماسيءَ جا پاپڙ) جا اشتھار ڏٺا ته دنگ رھجي ويس. ڇو جو مون کي ڀاگيرتي ماسي ياد اچي وئي ھئي. جڏھن مون کي سندس دادلي پٽ ۽ پنھنجي گھاٽي دوست ڪيداريءَ جي بي وقتي موت جو خيال دل تي تري آيو ته منھنجي سڄي سرير ۾ بيچينيءَ جو دورو پئجي ويو.

بلاگ

پنجاب صوبي ۾ ڪسان بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو

پنجاب حڪومت صوبي ۾ آبادگارن کي قرض ڏيڻ لاءِ هڪ نئين بينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعليٰ محترمه مريم نواز جي سربراهي ۾ ٿيل اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. آبادگارن جي بهتري لاءِ گهڻائي فيصلا ڪيا ويا. ان اجلاس ۾ زرعي اوزارن کان وٺي ٽريڪٽرن جي فراهمي تائين سڀني اسمن تي غور ڪيو ويو.

بلاگ

ڇا سنڌ حڪومت مون سون جي موسم کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري ڪئي آهي؟

جڏهن کان بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت کي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي ته محسوس ايئن ٿئي پيو ته سنڌ جي ڪابينا پڻ انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ شروع ڪيو آهي. سنڌ جي وزيرن کي پنهنجي پارٽي چيئرمين جي ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي ضرورت آهي. هاڻي ڪجهه وزير صوبي اندر ٿيندڙ مسئلن جي نشاندهي ڪندي نظر اچن ٿا.

وڌيڪ لوڊ ڪريو