روزانه همسري 6 جون 2024
Daily Humsari Newspaper 6 June 2024
Daily Humsari Newspaper 6 June 2024
ترقي ڪندڙ ملڪن ۾جتي اولاد جو ھجڻ سماجي، معاشي ۽ مذھبي حوالي سان تمام گھڻو ضروري آھي اتي بي اولاد ھجڻ کي خوشي سان قبول نٿو ڪيو وڃي. ڊبليو ايڇ او مطابق ٻارھن مھينن تائين بغير ڪنھن احتياط جي ازدواجي تعلق رکڻ کانپوءِ به جڏھن شادي شدہ جوڙي کي اولاد نه ٿي سگھي ته انھيءَ کي بي اولادي چئجي ٿو.
ايلن مسڪ جو پيءُ ڪمپيوٽر کان نفرت ڪندو هو ان جي مطابق ڪمپيوٽر محض وقت جو ذيان آهي، پر ايلن کي وڊيو گيمز ۽ سائنس فڪشن سان عشق هو، سائنس فڪشن جي ڪجھ خيالي نظريات کي جيڪي حقيقي دنيا کان گهڻو پري هئا، ايلن انهن جا تجربا حقيقي دنيا ۾ ڪرڻ جي باري ۾ سوچيندو هو، پر اهو سڀ ڪجھ آسان نه هو. ڇو ته ان وقت ڪمپيوٽر صرف هڪ گيم کيڏڻ جي مشين هئي، پر وقت بدليو ۽ ڪمپيوٽر دنيا ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.
لطيف سائين اسان جا زندگي جي ھر موڙ تي مددگار، رھنما، رھبر ۽ صلاحڪار آھن. سنڌ جي ماروئڙن جي ڏکن جا شريڪ، سکن جا ساٿي آھن. ھڪ ڳالھ آھي ته لطيف سائين جي ڏنل درس جي مان اسان ڪھڙو سبق حاصل ڪيو آھي؟. سنڌ جي ماڻھن سان گڏ دنيا جي ماھرن عالمن لطيف سائين جي سوانح، رسالي، راڳ ۽ طريقت تي تمام گھڻو ڪم ڪيو آھي. پر اڃان به لطيف سائين جي اصلي فڪر تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پڻ موجود آھي.
دنيا جي وڏي ۾ وڏي جمهوري ملڪ ڀارت ۾ چونڊون ستن مرحلن ۾ ٿي گذريون، جتي 97 ڪروڙ ووٽر رجسٽر ٿيل هئا، جن مان 66 سيڪڙو ووٽرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو. مودي جي انتها پسند سوچ کي ناڪامي ملي. انتها پسنديءَ کي جيڪڏهن هڪ جملي ۾ سمجهڻ چاهيون ته ايئن چئي سگهجي ٿو ته هيءَ سوچ جيڪا صرف پنهنجو پاڻ کي درست سمجهي ٿي ۽ ٻين کي ڪوڙو ۽ سواءِ سندن سوچ سان سهمت ماڻهن کان ٻين کان جيئڻ جو حق کسڻ چاهي ٿي.
اڄ پاڻ تاريخ جي اهڙي حوالي جو ذڪر ڪرڻ چاهيون ٿا، جنهن جو مقصد اصل ۾ اهو آھي ته اسان وچ اوڀر ۽ يورپ جي تاريخ جي هڪ اهڙي دور کي سمجهي سگهون، جنهن ۾ خاص ڪري يورپ اندر سياسي، سماجي ۽ ثقافتي حوالي کان ڪيتريون ئي تبديليون ٿي رهيون هيون يعني ٻين لفظن ۾ هڪ قسم جو انقلاب برپا ٿي رهيو هو.
اوائلي دور ۾ انسان وڏن قبيلن سان تعلق رکندا هئا، پر تنهن هوندي به اسان کي ڄاڻ آهي ته اهي سڄو وقت ڪٽنب سان گڏ نه رهندا هئا. وڏي ميڙ جي لاءِ کاڌو گڏ ڪرڻ ڏاڍو ڪٺن عمل هو، تنهنڪري قبيلا ننڍين ننڍين ٽولين ۾ ورهائجي ويا ۽ مختلف ماڳن تي کاڌي جي جستجو ۾ نڪري ويندا هئا.
هنڌ اهو سڙي جتي باھ لڳي، ان ڪري جيتري باھ ۽ تپش هاڻي ايران ۾ آهي شايد ايتري تپش پهرين نه هئي، ان ڪري سموري دنيا ايران سان تعزيت ڪئي. معاملا ڪيترا به بگڙيل هئا، پر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي ڳالهيون ٺاهيو پئي آيو،
محبت جي هر منزل پنهنجي اندر هڪڙو افسانو رکندي آهي ۽ فلم اسٽار جي زندگيءَ ۾ جتي محبت جون هي منزلون رنگين هونديون آهن، اُتي هنن افسانن ۾ به رومان ۽ رنگينيون پيدا ٿينديون رهنديون آهن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو عام دوشيزه ۽ فلم ايڪٽريس جي زندگيءَ جون راهون بلڪل مختلف ئي نه بلڪه بلڪل الڳ ٿلڳ هونديون آهن.
مان سمجهان ٿو ته هر ٻيو ماڻهو گلا يا شڪايت جو ڪم ڌام ڌوم سان ڪري پيو. چاهي غريب هجي يا امير، فقير هجي يا بادشاهه (قرآن شريف) ۾ واضح لکيل آهي ته ڪنهن جي گلا يا غيبت نه ڪريو، جيڪڏهن اوهان اهڙو عمل ڪندؤ ته اوهان پنهنجي ڀاءُ جو ڪچو گوشت کائيندو، پر اسان جي معاشري ۾ ٻڌي اڻ ٻڌي تي به ماڻهو اهو عمل ڪن ٿا.
سائيفر جو معاملو به عجيب آهي. مارچ 2022ع ۾ هڪ جلسي دوران باني پي ٽي آءِ پنهنجي ڪوٽ جي کيسي مان هڪ پنو ڪڍي عوام کي ڏيکاريو هو، هي آهي سائيفر جيڪو پاڪستان جي آمريڪا ۾ مقرر ٿيل سفير طرفان موڪليو ويو آهي، جنهن کي ڊونلڊ لو ڌمڪايو آهي ته اسان پي ٽي آءِ جي حڪومت کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون.
Daily Humsari Newspaper 5 June 2024