مواد تي وڃو
همسري
سائن اِن

بلاگ

بلاگ

آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۽ ملڪي ترقيءَ جا انڊيڪيٽر

انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن سال پاڪستان جي معاشي ترقي 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ايندڙ سال پاڪستان جي جي ڊي پي وڌي 3.5 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ اسان جي معاشي ترقي جي اها واڌ اسان لاءِ ۽ اسان جي ملڪ جي عام عوام لاءِ خوشخبريءَ کان گهٽ نه آهي.

بلاگ

پريا ڪماري جي آزادي لاءِ اچو ته سگهارو آواز بڻجون!!

قيد ۽ ڪوٺڙيون سنڌ جي نياڻين جو مقدر بڻجي ويون آهن، ڪڏهن کين حوس جي بک/اڃ اجهائڻ لاءِ جابر ظالم درندن جي حوالي ڪيو ويندو آهي، ڪڏهن کين ڪاري قرار ڏيئي بيدرديءَ سان ماريو ويندو آهي ۽ سندن خاموش سرد لاشن کي ڪنهن ويران قبرستان ۾ لاوارث ڪري هميشه لاءِ بي نام ۽ هڪ گمنام قبر ۾ خاموشي جي ننڊ سمهاريو ويندو آهي.

بلاگ

سٺي ۽ صالح استاد جون خوبيون

ترقي پسند ۽ سُڌريل سماج جي اڏاوت لاءِ سٺين خوبين ۽ نيڪ گڻن جو دائرو تمام وسيع آهي، جن منجھان ڪجھ خاص خوبيون جيئن صبر، سهپ، همت، حوصلو، احسان، شفقت، رحمدلي، قناعت، سچائي، سادگي، نهٺائي، پاڪيزگي، بردباري، شرم ۽ حيا، ايمانداري، وقت جي پابندي، خلوص، تعاون، مددگاري اعتبار، پيار، پرهيزگاري، نياز ۽ نوڙت، حب الوطني، غيرت، فرض شناسي، امن پسندي، قرباني، مهمان نوازي، نيڪ نيتي ۽ علميت جهڙيون خوبيون، گُڻ ۽ صلاحيتون، سماج جي سڀني فردن سميت، مڙني شعبن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ هر ماڻهوءَ ۾ هجڻ ضروري امر آهن.

وڌيڪ لوڊ ڪريو