مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته مون ڪالم لکڻ ۾ اسپيڊ ڇو ورتي آهي! مون کي دنيا جهان جا مسئلا پنهنجا مسئلا ڇو لڳڻ لڳا آهن! شايد منهنجي طبيعت وڌيڪ حساس ٿيندي پئي وڃي، جو جيڪي به سماج ۾ برو ٿيندي ڏسان ٿو اهو قلم ذريعي عام ماڻهن تائين پهچايان ٿو. جيتوڻيڪ اهڙي طبيت جي ڪري ڏاڍي تڪليف به پهتي آهي، تڪليفون پٺي ڀر ائين اڇلائي رهيو آهيان، جيئن وهنجڻ مهل اسان پاڻي پٺي پويان اڇليندا آهيون، اهو ته مان پاڻ ڪيان ٿو، پر ڪو دوست مهربان يا شاگرد به چئي ٿو ته سر هن موضوع تي لازمي لکو، ان تي به لکان ٿو ته سندن موڪليل مواد به ڪوشش ڪري سندن نالن سان مختلف اخبارن ۾ ڇپرايان ٿو. ڪافي پڙهيا لکيا ماڻهو طنز به ڪندا رهن ٿا ته اڄ جي دور ۾ ڪالم ڪير ٿو پڙهي يا اوهان جي لکڻ سان ڪهڙي تبديلي ايندي، هتي اڪثر ماڻهو لڪير جا فقير آهن، کين اهڙي ته ستي وڌي وئي آهي جو ڪک ڀنڃي ٻيڻو نٿا ڪن، اوهان وانڌا آهيو الائي ڇا؟ اوهان اهو سڀ ڪجھ ڪيئن ڪري وڃو ٿا؟