انصاف جي تلاش ۾ ڀٽڪيل نياڻي امِ رباب چانڊيو
سنڌ جي مٽي رڳو زمين جو ٽڪرو نه آهي، اها تاريخ جو هڪ زنده ڪتاب آهي، جنهن جي هر ورق تي رت جا نشان، وفائن جا داستان، ۽ جدوجهد جا باب لکيل آهن. هن ڌرتيءَ پنهنجي ڪُک مان اهڙا انسان پيدا ڪيا آهن، جن ظلم جي سامهون ڪنڌ نه جهڪايا، پر سچ جي واٽ تي هلندي پنهنجون زندگيون قربان ڪيون. انهن ڪهاڻين مان ڪي ته وقت جي ڌوڙ ۾ لڪي وڃن ٿيون، پر ڪي اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي صدين تائين ضمير کي جاڳائنديون رهنديون آهن. اهڙي ئي هڪ ڪهاڻي آهي امِ رباب چانڊيو جي. هڪ نياڻي، جيڪا پنهنجي اکين سان پنهنجي پيارن جو رت وهندي ڏٺو ۽ پنهنجي دنيا کي ٽٽندي محسوس ڪيو، پوءِ ان ٽٽل دنيا جي ڀڃڪڙي کي گڏ ڪري انصاف جي در تي وڃي بيٺي، پر افسوس، جتي کيس انصاف جي اميد هئي، اتي کيس خاموشي ملي. هڪ اهڙي خاموشي، جيڪا لفظن کان وڌيڪ ڳري، ۽ زخمن کان وڌيڪ گهري هوندي آهي. زندگي ڪڏهن ڪڏهن انسان سان اهڙو مذاق ڪندي آهي، جو ساهه به بار لڳڻ لڳي ٿو. امِ رباب لاءِ اهو ڏينهن ڪنهن قيامت کان گهٽ نه هو، جڏهن سندس پيءُ، ڏاڏو ۽ چاچو بيدردي سان قتل ڪيا ويا. اهو منظر رڳو هڪ حادثو نه هو، پر هڪ اهڙو زخم هو، جيڪو وقت سان ڀرجڻ بدران وڌيڪ گهرو ٿيندو ويو.