عورت جو رت، درد ۽ قرباني
عورت ذات کي صدين کان بيڪار ۽ عقل جي انڌي سڏيو ويو آهي. ڪڏهن بيوفا ته ڪڏهن بداخلاق جا مهڻا ڏنا ويا، پر هر مرد اهو سڀ ڪجھه چوندي پنهنجي گريبان ۾ ليئو پائڻ به وساري ويهي ٿو. هو اهو به وساري ويهي ٿو ته هو پاڻ عورت جي رت، درد ۽ قرباني ۾ وهنجي هن دنيا ۾ آيو آهي ۽ پوءِ وڏو ٿي انهيءَ عورت کي شڪ، الزام ۽ نفرت جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري ڇڏي ٿو. ڪاوڙ به مردن جي زبان تي سڀ کان پهرين عورت جي نالي يعني گارين جي شروعات عورت کان ئي ٿئي ٿي. ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ زال جي رشتي کي غليظ لفظن ۾ ورجايو وڃي ٿو. ڪاوڙ هجي، بيوسي هجي يا شڪست هجي مرد پنهنجي ناڪامي جو اظهار به عورت جي ڪردار، نالي ۽ وقار کي لتاڙي ڪري ٿو. اها ڪهڙي مردانگي آهي جنهن جو بنياد عورت جي بيعزتي ڪرڻ تي بيٺل هوندو آهي ۽ هڪ عورت نه ڄاڻ ڪيترن روپن ۾، ڪيترين ئي شڪلين ۾ ۽ ڪيترن ئي رشتن ۾ پوئجي ڪري هڪ مرد کي تحفظ ڏئي ٿي. يعني ماءُ بڻجي پنهنجي ننڊ ۽ صحت قربان ڪري ٿي، ڀيڻ بڻجي ڀاءُ جا ڏک سموئي ٿي، زال بڻجي هڪ اجنبي گهر ۾ پنهنجي سڃاڻپ پوئي ڇڏي ٿي، ڌيءَ بڻجي والدين جي عزت جي نگهبان بڻجي وڃي ٿي. هوءَ گهر کي نه صرف ڇت ڏئي ٿي بلڪه هوءَ سڪون به ڏئي ٿي، ٻارڙن کي صرف جنم نٿي ڏئي، بلڪه هوءَ انسان به بڻائي ٿي.