ڪنهن سياڻي جو قول آهي ته جيڪو شخص پنهنجي خيال جو اظهار نٿو ڪرڻ ڄاڻي، اهو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وڃي ٿو. ائين کڻي چئجي ته خوش بياني، خود اعتمادي سان پنهنجي خيالن جو اظهار ڪرڻ مقبوليت ۽ ترقيءَ جو پهريون ڏاڪو آهي. ڪجهه ماڻهو صلاحيتن هئڻ جي باوجود ڳالهه ڪندي هزارين رڪاوٽون محسوس ڪندا آهن. هو ڏڪڻ لڳندا آهن ۽ جيڪو چوڻ چاهيندا آهن سو ڀلجي ويندا آهن. سندن دل زور سان ڌڙڪڻ لڳندي آهي. سڀ کان پهريائين انهيءَ ڪمزوري تي قابو ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. پنهنجي احساسن کي اهو شخص بهتر نموني پيش ڪري سگهي ٿو، جنهن جي گفتگو قدرتي، باوقار ۽ بامقصد هجي.