ڪالهوڻي ڳالھه آھي جڏھن آئون سائين امداد شاھه سان سندن والده جي تعزيت لاءِ ويو هئس. سائين سيد غلام رسول شاھه پنهنجي فرزند امداد شاھه جي ڀر ۾ ويٺا هئا. پنھنجي رفيق حيات جي وڇوڙي تي گرفتِ غم هئا. سندن چهري مان غم عيان هو. سائين غلام رسول شاهه صاحب جن جو تخلص به عجيب آهي، “غمناڪ” منفرد، چٽو ۽ گهرائي وارو. لڳي ٿو سور، درد، پيڙاهون سائينءَ جي سيرانديءَ ڀَر رهيون آهن. غمن سان نينهن ڪڏهن ۽ ڪيئن اڙايائون، اها خبر کين!