مارئي سِڪ ۽ سَت جو مثال
شاھ صاحب جو سمورو رسالو ۽ ان جو ھر ھڪ سُر دنيا ۽ آخرت جي ڪنهن نه ڪنهن فِڪر سان واقفيت ڪرائي ٿو. شاھ جي شاعريءَ جو انداز ظاھري عوامي آھي، پر ان ۾ ڳالھ باطني سمايل آھي. ھر سُر جو ھر ھڪ بيت الڳ درس ڏئي ٿو، سڀني سُرن جي پنهنجي خاصيت ۽ پنهنجو فِڪر آھي، اھڙي طرح سُر مارئي جو فِڪر سڀني کان نرالو آھي. ھن سُر ۾ شاھ صاحب پنهنجي وطن سان محبت ۽ اڪير (حُب الوَطني)، پنهنجي مِٽ مائٽن سان سچائي ۽ پنهنجي لَڄَ سنڀالڻ ۽ ڪنهن جابِر آڏو نه جھڪڻ ۽ دنيا جي ھر لالچ کي ٺُڪرائي پنهنجي عزت ۽ نفس کي ترجيح ڏيڻ جو درس ڏنو آھي. جيئن ھن بيت ۾ شاھ صاحب فرمائي ٿو ته: