“جيڪو ماڻهو ڪين وڪاڻو، سوئي ماڻھو موتيءَ داڻو!” سنڌ جي قومي آزاديءَ جي ويڙہ وڙھندڙ ۽ سموري انسانذات خاص طور پورھيت عوام لاءِ پنھنجي زندگي ارپيندڙ سرڪش انقلابي انسان پنھنجي آخري زماني ۾ گمناميءَ جي غفا ۾ گم ٿي منظر تان غائب ٿي رھيا آھن. “اگھيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.” جليل ڪورائي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاڙڪاڻي جو بھادر ۽ سرڪش ورڪر ۽ محفلن جو مور ھيو. اھو پيار ۽ ھجت جو زمانو ھيو جنھن جي جاء خوشامد ۽ خود غرضيء والاري ڇڏي آھي. اسان جي پنھنجي رھبر جي ايم سيد سان بہ محبت ھئي ۽ ھن جي ڪا ڳالهه، ڪا پاليسي اسان کي غلط لڳندي ھئي تہ ان جو بہ بيباڪيء سان اظھار ڪندا هئاسين. اھو خلوص دل، سچائي، بيباڪي ۽ زندہ دليءَ جو زمانو ھيو جنھن کي ڪوڙ، ٺڳي، سازش ۽ خوشامد جو گرھڻ لڳي ويو آھي.