ٻن ڏينھن کان پوءِ، جڏھن ماريه واپس آئي ته، عبدالرحيم پنھنجي ڳوٺ وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو ھو. ان صبح جو ٻلين واري خواب ڏسڻ سان کيس پنھنجي ڳوٺ جي ڳھر ٿي پئي ھئي، کيس ائين لڳي رھيو ھو ڄڻ ماءُ جي قبر کيس سڏي رھي ھئي… ان پل اٿاھه گهرائيءَ سان سندس دل چاھيو ھو ته، سندس ماءُ حياتيءَ ھجي ھان ۽ ھو ساڻس پنھنجي انھيءَ گهر ۾، ساڳي جاءِ تي ويھي ڪچھري ڪري ھان! جنھن جاءِ تي ستي پئي خواب ڏٺو ھئائين.