عبدالرحيم جي زندگيءَ جا ڏينھن اداسيءَ ۾ گذري رھيا ھئا، ويڳاڻپ کيس ڪنھن وبا جيان لڳي وئي ھئي… ھو بي ترتيب ٿي ويو ھو، کيس پنھنجي بي ترتيبيءَ کان مونجهه ٿيڻ لڳي ھئي، اھا مونجهه ھن پنھنجي ساھن ۾ محسوس ڪئي ته، ھڪ منجهند جو ماريه کان پڇيائين: ”زندگي صرف ترتيب سان ساھه کڻڻ جو نالو آھي ڇا!؟“