هڪ سروي مطابق روايتي زرعي طريقن سبب زمين جي وڏي تباهي ٿي رهي آهي ۽ سالياني پاڻيءَ جي انتهائي کوٽ سبب آبي جيوت به شديد تباهيءَ جو شڪار رهي ٿو. تازن انگن اکرن مان ظاهر ٿو ٿئي ته پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي في ڪس (في ماڻهو) دستيابي 2021 کان وٺي رڳو 1017 ڪيوبڪ ميٽر تائين رهندي آئي آهي ۽ جيڪا ڏينهون ڏينهن گهٽبي رهي ٿي. ان ڪري ته ملڪ تي آبادي جو وڏو دٻاءُ آهي، جنهن جي ڪري وسيلن جي کوٽ ٿي پئي ٿي ۽ رياست ۾ ايترو دم ناهي ته اها ماڻهن جي بنيادي سهولتن تي ڪو خاطر خواهه ڌيان ڏئي (يا ڏئي به سگهي) ان ڪري هيءَ رياست هر ڳالھ جي لاءِ عالمي برادري ڏانهن هٿ ٿي ٽنگي ۽ ٻين ملڪن سميت ملڪي باشندن کي اهو بانور ٿي ڪرائي ته ان ۾ ڏوھ رڳو ترقي يافتا ملڪن جو آهي جو اهي غريب ملڪن جي ترت امداد نٿا ڪن. ان ڪري غريب ملڪ شديد معاشي ۽ سياسي دٻاءُ جو شڪار رهندا ايندا، جنهن جي ڪري زندگي جي شرح (لائف انڊيڪس) ۾ گهٽتائي ايندي رهندي ۽ پاڪستان جهڙي رياست ڪجھ ڪرڻ کان قاصر آهي.