جنگ جيڪا نه لڳڻ کپندي هئي
تاريخ ڪڏهن ڪڏهن اسان کي اهڙي موڙ تي آڻي بيهاريندي آهي، جتي هڪ غلط فيصلو صدين جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ويندو آهي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان جڏهن مان عالمي سياست جي بدلجندڙ لهرن جو مطالعو ڪري رهيو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ رڳو هڪ ئي خيال گونجي رهيو آهي: ڇا هيءَ رت جي راند روڪي نه پئي سگهجي؟ هڪ سنڌ واسي جي حيثيت ۾، جنهن جي ڌرتيءَ صدين کان فاتحن جي يلغار ۽ امن جي آسيس ڏٺي آهي، مان سمجهان ٿو ته هيءَ جنگ رڳو بارود جو استعمال ناهي، پر هيءَ عقل ۽ تدبر جي شڪست آهي. اڄ جڏهن اسين ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا کي هن باهه ۾ سڙندي ڏسون ٿا ته اها حقيقت چٽي ٿي بيٺي آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل وٽ امن ۽ سياسي برتريءَ جا جيڪي موقعا جنگ کان اڳ موجود هئا، اهي هاڻي هميشه لاءِ مٽجي چڪا آهن. جنگ جي شروعات کان اڳ، آمريڪا ۽ اسرائيل تمام گهڻي مضبوط پوزيشن ۾ هئا. سفارتڪاريءَ جي ميز تي اهڙا امڪان موجود هئا، جن ذريعي هو پنهنجي سلامتيءَ جا مقصد بغير ڪنهن خونريزيءَ جي حاصل ڪري سگهيا پئي، پر افسوس جو سياسي انا ۽ (Shock and Awe) جهڙي فوجي حڪمت عملي جي جنون ۾ اچي، انهن ڳالهين ٻولين بدران جنگ کي ترجيح ڏني.